افغان صورتحال سبب دھشتگردن جا سليپر سيلز ٻيھر سامھون اچڻ جو خدشو آھي: ترجمان پاڪ فوج

پاڪ فوج جي ترجمان ميجبر جنرل بابر افتخار جو چوڻ اھي تھ افغانستان جي موجودھ صورتحال سبب دھشتگردن جي سليپر سيل ٻيھر سامھون اچڻ جو خدشو آھي. پاڪ فوج جي اداري (آئي ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ميجر جنرل بابت افتخار جو ڳالھين ۾ چوڻ ھو تھ خطي جي صورتحال نظر ۾ آھي، افثان امن جي ڪاميابي جي لاءِ پنھنجو ڪردار سنجيدگي سان ادا ڪري رھيا آھيون ۽ پاڪستان امن عمل جي لاءِ ڪابھ ڪسر ناھي ڇڏي. ھن چيو تھ پوري صورتحال جا اسين ضامن ناھيون، آخر ڪار فيصلو افغانين کي ئي ڪرڻو آھي ۽ ڪيئن اڳيان وڌڻو آھي، پر امن افغان ۾ بھ سڀني کان وڌيڪ اسٽيڪ پاڪستان جو آھي. ھن چيو تھ افغانستان ۾ صورتحال سبب دھشتگردن جي سليپر سيل ٻيھر سامھون اچڻ جو خدشو آھي، دھشتگردن جي ڊگھي ۽ صبر آزما جنگ وڙھي، بي مثال ڪاميابيون ماڻيھون جڏھن افثان باردر تي غير قانوني ڪراسنگ پوائنٽ سيل ڪري ڇڏيا آھن، نوٽيفائيڊ پوائنٽس تي ريگولر دستھ وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن. ترجمان پاڪ فوج جو چوڻ ھو تھ افغانستان سان گڏ پاڪستان جو امن ڳنڍيل آھي، ويجھڙائي ۾ ٿيندڙ واقعن جي ٻئي پاسي جي صورتحال سان تعلق ٺھي ٿو، پاڪستان ۾ آپريشنز سبب دھشتگردن جو ڪو منظم اسٽريڪچر ناھي، انھن سڀني نيٽ ورڪس جي ليڊر شپ افغانستان ۾ ويٺل آھي، ھن نيٽ ورڪتس جي ليڊرشپ کي را ۽ اين ڊي ايس جي سپورٽ حاصل رھي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔