چيني ڪمپني بس واقعي کانپوءِ داسو پاور پراجيڪٽ تي ڪم بند ڪري ڇڏيو

پشاور: داسو هائڊرو پاور پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني چائنا گيزوبا گروپ ڪمپني سيڪيورٽي خدشن سبب ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپني پاران 14 جولاءِ واري بس واقعي کانپوءِ اختيارين کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته هو پروجيڪٽ تي وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهن، ڪمپني پاران پاڪستاني ورڪرز کي به جوب ڏنو ويو آهي پر اهو چيو آهي ته کين معاهدي موجب پگهارون ڏنيون وينديون، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر انوارالحق چيني ڪمپني پاران ڪم بند ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جيئن ئي سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر ٿي ته ڪم ٻيهر شروع ٿي ويندو. ياد رهي ته 14 جولاءِ تي پيش آيل واقعي ۾ 9 چيني شهرين سميت 12 ڄڻا مارجي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔