داسو واقعي جي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي، پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪيو ويندو: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سيڪيورٽي ايجنسيز کي چيني شهرين جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته داسو واقعي جي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته داسو واقعي جي جاچ ادارا ڪري رهيا آهن، چين جا 15 عملدار جاچ لاءِ پاڪستان پهتا آهن، واقعي تي چيني گهرو وزير به مون سان ڳالهايو آهي، چيني وزير پبلڪ سيڪيورٽي سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن واقعي جي مذمت ڪئي، هن چيو ته حادثو قراقرم هاءِ وي تي پيش آيو، چين جي 15 رڪني ٽيم سڀاڻي حادثي واري جاءِ جو دورو ڪندي، حادثي جي زخمين کي پاڪ فوج جي اسپتالن ۾ طبي امدد ڏني پئي وڃي، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سڪيورٽي ايجنسيز کي چيو آهي ته چينين جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر بڻائي وڃي، هتي چيني شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي، وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ مون کي چين وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو آهي ته پاڪ چين دوستي لازوال آهي ان ۾ ڪو به فرق نٿو پئجي سگهي، سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪيو ويندو، هن چيو آهي ته گهرو وزارت جي هر جڳهه تي نظر آهي، ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت جو ڪو به موقعو نٿو ڇڏي، جڏهن ته پاڪستان امن جو داعي آهي، پاڪستان جو امن افغانستان جي امن سان واڳيل آهي، ان ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن هجي، پنهنجي سر زمين افغانستان جي خلاف استعمال ڏيڻ نه ڏينداسين، هن چيو آهي ته لاهور مان به ڪجهه ماڻهن کي پڪڙيو آهي، جن ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، داسو ۾ به هي ماڻهو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا، جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رينجرز، ايف سي، سنڌ رينجرز کي ڪشمير الڪيشن لاءِ مقرر ڪيو آهي، سول آرمڊ فورسز ۽ ايف سي جو وڌيڪ مطلبو ڪيو ويو ته موڪلينداسين، هن چيو آهي ته ڪرپشن ختم ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو هو ويزا آن لائن ڪيو وڃي جيڪو ڪري ڇڏيو آهي، تقريبن 70 کان 80 هزار ڪيسز هئا، هاڻي لائنون لڳل نظر اچي رهيون آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔