اينٽي ڪرپشن چيئرمين صدارت ۾ ٿيل اجلاس جي اندروني ڪھاڻي سامھون اچي وئي

ڪراچي: اينٽي ڪرپشن چيئرمين اقبال ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس جي اندروني ڪھاڻي سامھون اچي وئي! ذريعن موجب اجلاس ۾ چيئرمين اقبال ميمڻ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو غلام سرور ابڙو ۾ جھيڙو ۽ گارگند ٿيو. اندروني ذريعن موجب لاڙڪاڻي جي ٽيم کان ڪارڪردگي بابت پڇا ڪرڻ دوران چيئرمين اقبال ميمڻ مبينه طور گٿا لفظ ڳالھايا، جنھن تان جھيڙو ٿيو، چيئرمين طرفان مبينه طور گٿا لفظ ڳالھائڻ تي سرور ابڙو ھنگامو ڪيو. ذريعن موجب سرور ابڙو، چيئرمين کي چيو ته اوھان سرڪل آفيسرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناھيو ته انھن کي ھٽائي ڇڏيو، گاريون ڇو ٿا ڏيو؟ گارين تان خون ٿيندا آھن، ھي غيرت جو مسئلو آھي، هن چيو ته اسان کي نوڪري کان وڌيڪ عزت پياري آھي، اوھان جون گاريون ٻڌڻ نه آياسين. ذريعن موجب ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ شھزاد فضل عباسي سرور ابڙو کي ٻانھون ٻڌي جھيڙو ٽاريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔