ڪراچي: سنڌ ڪابينا تشدد ۽ ملڪيتن کي نقصان کان روڪڻ لاءِ ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا تشدد ۽ ملڪيتن کي نقصان کان روڪڻ لاءِ ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل موجب اسپتالن ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ڊاڪٽرز تي تشدد جي واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، هاڻي ڪنهن اسپتال ۾ مريض جي وارثن ڀڃ ڊاهه يا تشدد ڪيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ٽوئرزم جو پلاٽ چيني سفارتخاني کي ڏيڻ جي منظوري، ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ مسجد رضوان ٽرسٽ کي 10 ايڪڙ زمين قبرستان لاءِ ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي، ان تي وڏي وزير چيو ته هڪ اٿارٽي قائم ڪنداسين جيڪا قبرستان جي زمين الاٽ ڪندي ۽ ريگيوليٽ به ڪندي، وڏي وزير چيو ته هلندڙ سال 1669 نيون اسڪيمون شروع ڪيون آهن، کاتن کي فوڪس ڪري هن سال ختم ڪرڻو آهي، سمورا وزير ترقياتي ڪمن تي خاص ڌيان ڏين، ان موقعي ناڻي واري سيڪريٽري حسن نقوي ڪابينا کي سنڌ پبلڪ فنانشل مئنيجمينٽ ريفارم اسٽريٽجي تي بريفنگ ڏني، جنهن تي وڏي وزير چيو ته هن ۾ ٽرانسپرنٽ پگهارون ۽ پينشنز جا خرچ به شامل آهن، ترجمان موجب سنڌ ڪابينا گاڏين جي قانون ۾ ترميم ڪئي آهي، ان ترميم تحت بي آر ٽي، ڪوريڊور جا الفاظ شامل ڪيا ويا آهن ۽ ان جي تشريح ڏني وئي آهي، بي آر ٽي بسز کي روٽ پرمٽس جي ضرورت نه هوندي، هو ماس ٽرانزٽ جي اجازت سان هلنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔