ڪراچي: 65 تولا سون چوري ڪيس ۾ پوليس اهلڪار به ملوث نڪتا

ڪراچي: ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ سي آءِ اي سينٽر تي پوليس جي ڇاپي دوران ٽن پوليس آفيسرز سوڌو 6 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته 24 جون تي گهريلو عورت ملازمن هڪ گهر مان 65 تولا سون ۽ ٻيا ڳهه چوري ڪيا هئا، سي آءِ اي سينٽر صدر ڇاپو هڻي چوري ٿيل ڳهه هٿ ڪيا ۽ رشوت وٺي گرفتار ٻن عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ خاموشي اختيار ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته عورتن جي بيان بعد ڪارروائي ڪري 6 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اهلڪارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي لاءِ جاچ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔