پهريون ٽي ٽوئنٽي: دلچسپ مقابلي کان پوءِ پاڪستان انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور: پاڪستان انگلينڊ کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کان پوءِ 31 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ناٽنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. قومي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ڏنل حدف حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ جي سموري ٽيم 201 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان بهترين بيٽنگ جي شروعات بابر اعظم ۽ محمد رضوان ڪئي. ٻنهي پهرين وڪيٽ جي لاءِ رڪارڊ 150 رنسن جي پارٽنر شپ قائم ڪئي. بابر ۽ رضوان انگلينڊ جي بالرن کي سنڀلجڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ گرائونڊ جي چئني طرفان چوڪن ۽ ڇڪن جي برسات ڪري ڇڏي.

رضوان 41 بالن تي 63 جڏهن ته بابر اعظم 49 بالن تي 85 رنسون ٺاهيون. اوپننگ بيٽسمينن جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ محمد حفيظ، صهيب مقصود ۽ فخرزمان ڪيميو اننگز کيڏي ۽ مقرر 20 اوورز ۾ ٽيم جو حدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسن تائين پهچائي ڇڏيو. فخرزمان 26 ۽ محمد حفيظ 24 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته صهيب مقصود 7 بالن تي 19 رنسون ٺاهيون.

ياد رهي ته پاڪستان جو انٽرنيشنل ٽي 20 سيريز ۾ سڀني کان وڏو اسڪور آهي ان کان اڳ قومي ٽيم جو سڀني کان وڏو اسڪور 205 رنسون هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔