شڪارپور پوليس سردار تيغو خان تيغاڻي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

شڪارپور: ڌاڙيلن جي پٺڀرائي جي الزام ۾ گرفتار سردار تيغو خان تيغاڻي کي اڄ ڇھون ڀيرو اي ٽي سي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آھي، سردار تيغو خان تيغاڻي کي اي ٽي سي جج حيدر علي ابڙو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس پاران حتمي چالان پيش ڪرڻ جو امڪان آھي، سردار تيغو خان تيغاڻي کي عدالت ۾ ھٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي عدالت ٻاھران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا، صحافين سميت ھر ماڻھو تي عدالت ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔