ڪراچي: بحريه ٽائون ڌرڻو ڪيس: صنعان قريشي سوڌو ٻين جون وڌيڪ هڪ ڪيس ۾ ضمانتون منظور

ڪراچي: بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي بعد گرفتار ٿيل جسقم چيئرمين صنعان قريشي سوڌو ٻين جون وڌيڪ هڪ ڪيس ۾ ضمانتون منظور ٿي ويون آهن، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صنعان قريشي ۽ الاهي بخش بڪڪ سوڌو 147 ڪارڪنن جون ضمانت منظور ڪري ورتيون، کين 20-20 هزار رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون هيل تائين ٻن ڪيسز ۾ ضمانتون ٿي چڪيون، هڪ ڪيس ۾ ضمانت رهيل آهي، دھشتگردي ٽوڙ عدالت ايف آئي آر نمبر 257 ۾ ڄاڻايل ڪارڪنن جي اڄ ضمانت منظور ڪئي، جڏھن تہ ايف آئي آر نمبر 259 ۾ ضمانت جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔