افغانستان ۾ فورسز ۽ طالبان ۾ شديد چڪريون، ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر مارجي ويو

کابل: افغانستان جي مختلف ضلعن ۾ افعان سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ چڪريون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان طالبان حملي ۾ مارجي ويو، ميڊيا رپورٽس موجب ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان تواب گذريل ڏينهن ضلعي نجراب ۾ طالبان جي حملي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته ضلعي بگرام افغان ايئر فورس جو پائلٽ به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي، ٻئي طرف گورنر پروان دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز صوبي پروان جي ضلعي شيخ علي جو قبضو طالبان کان واپس وٺي ڇڏيو آهي، پر ضلعي شيخ علي جي مختلف علائقن ۾ طالبان ۽ افغان فورسز وچ ۾ چڪريون جاري آهن، افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن افغان فورسز سيغان، ڪهمرد ۽ چخانسور ضلعن تي قبضو طالبان کان واپس ورتو ويو هو، واضح رهي ته افعانستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ افغان حڪومتي وفد ۽ طالبان وچ ۾ اڄ قطر ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، افغان حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، اُميد آهي ته طالبان سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿينديون..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔