ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح ۾ 20 سيڪڙو واڌ

ڪراچي: ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 20.34 تائين پهچي وئي، سنڌ جي صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ مجموعي طور تي 18 هزار 75 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1631 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ 25 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، صحت کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 2.97 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبي ۾ مجموعي طور تي ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 9.64 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي، واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا کان 22759 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيسز 9 لک 68 هزار کان وڌي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔