پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل وڌيڪ 33 وٽرنري آفيسر مختلف هنڌن تي مقرر

ڪراچي: لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ تازو ڀرتي بعد پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل وڌيڪ 33 وٽرنري آفيسر مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر ميمونه، ڊاڪٽر ڪنول، ڊاڪٽر تيرٿ رام، جميل الرحمان، تراب علي، ڊاڪٽر سدره ۽ صبا پروين کي مختلف وٽرنري اسپتالن ۾ مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر غلام باقر، ڊاڪٽر عظميٰ، ڊاڪٽر ذوالفقار علي، ڊاڪٽر هيرا نند، محمد عدنان، جويريا، ذوالفقار حيدر، شايان آريجو، سُندس فرح سميت 33 ڊاڪٽرن کي پوسٽنگ ڏني وئي. لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري اعجاز مهيسر جي منظوري بعد کاتي جي اختيارين مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔