سنڌ جي وڏي وزير ڪابينا جو اجلاس 17 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير ڪابينا جو اجلاس 17 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، وڏي وزير پاران ڇنڇر جي ڏينهن طلب ڪيل ڪابينا جي اجلاس ۾ مجموعي طور 35 ايجنڊائون شامل آهن، جن ۾ صحافين جي تحفظ واري بل، لاڙڪاڻي بورڊ جي لاءِ نسيم احمد ميمڻ جي مقرري، ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10 بلين جي منظوري، گجر نالي، محمود آباد ۽ اورنگي ٽائون نالي جي متاثرين جي ري سيٽلمينٽ، ايل بي او ڊي جي ٻيهر مرمت ۽ سنڌ ٽربيونل انڪوائري آرڊيننس جي منٽس جي منظوري سميت ٽيلي هيلٿ اينڊ ٽيلي ميڊيسن بل، سنڌ هيلٿ ڪيئر سروس پرووائيڊرس اينڊ فيسلٽيز بل 2021، دائود يونيورسٽي جي وي سي جي مقرري، ميرپورخاص يونيورسٽي جو نالو ابن سينا يونيورسٽي رکڻ، سنڌ آرمس ايڪٽ 2013 ۾ ترميم سميت مجموعي طور .35 مختلف ايجنڊائون منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ٿينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔