سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به برسات

ڪراچي:سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ٽئين ڏينهن به برسات، ٽنڊو باگو، شادي لارج، کوسڪي، سيراڻي، نئون ڪوٽ، ڪڍڻ، دولتپور صفن ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات، پنجاب ۽ بلوچستان جَي مختلف علائقن ۾وقفي وقفي سان برسات جاري: ڪراچي، نوشهرو فيروز، ٺارو شاهه، ڪنري، اڪري چودڳي، حيات پتافي ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو: موسميات کاتي ملڪ جَي مٿانهن علائقن ۾ 19 ۽ 20 جولاءِ تي تيز برساتن جِي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، سنڌو درياهه، چناب ۽ ڪابل سوڌو ٻين درياهن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جا جا امڪان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔