پسني جي ويجھو سيڪيورٽي فورسز تي دھشتگرد حملو، ڪيپٽن ۽ سپاھي شھيد

پسني :بلوچستان جي سامونڊي علائقي پسني ۾ دھشتگرد حملي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن ۽ سپاھي شھيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ دھشتگردن پسني جي ويجھو سيڪيورٽي فورسز تي آءِ اي ڊي مان حملو ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب دھشتگردن جي حملي ۾ ڪيپٽن عفان مسعود ۽ سپاھي بابر زمان شھيد ٿي ويا آھن، آءِ ايس پي آر موجب پسني جي ويجھو خدابخش بازار جي علائقي ۾ فورسز جو آپريشن جاري آھي، آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آھي تھ دشمن عنصرن جي بزدل حملن سان بلوچستان جو امن سبوتار نٿو ٿي سگھي، بلوچستان جي امن کي خراب ٿيڻ نھ ڏينداسين، سيڪيورٽي فورسز دھشتگردن جي ناپاڪ ادارن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔