افغان صدر سان فون تي رابطي بعد وزيراعظم وفد سوڌو تاجڪستان روانو

ڪراچي : افغان صدر سان فون تي رابطي بعد وزيراعظم عمران خان وفد سوڌو تاجڪستان روانو، وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري دوران تاجڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو، وزيراعظم جي وفد ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، شيخ رشيد، علي زيدي، معيد يوسف ۽ عاطف خان شامل، وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم جي دوري دوران پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ مختلف معاهدن توڙي يادداشتنامن تي صحيحون ڪيون وينديون، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم جو دورو معاشي ۽ سيڪيورٽي لحاظ سان انتهائي اهم آهي، افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔