ڊاڪٽر فيصل سلطان عيد الضحيٰ تي پابندين جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معان ڊاڪٽر فيصل سلطان ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌندڙ ڪيسز جي ڪري عيد الضحيٰ تي پابندين جو اشارو ڏئي ڇڏيو، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ڊيٽا ٻڌائي رهيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر اچي رهي آهي ۽ اين سي او سي روزاني جي بنياد تي فيصلا ڪندي آهي ۽ موجوده حالتوين ٻڌائي رهيون آهن عيد محدود پيماني تي ٿيندي، هن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ويرنيٽ 50 کان 50 سيڪڙو تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، ڪا به ويڪسين هڪ سئو سيڪڙو موثر ناهي هوندي پر تمام ضروري آهي ته سڀني ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ لڳائي وڃي، موجود ويڪسين تمام ويرينٽس تي اثر ڪري ٿي، سنڌ حڪومت جي ڪورونا پابندين جي حمايت ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو بهتر آهي، مان ان فيصلن سان متفق آهيان، ڇو ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 19 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هن چيو آهي ته سفر ڪرڻ جي لاءِ ڪورونا ويڪسين سرٽيفيڪيٽ ضروري هوندو ۽ جلد ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا، آگسٽ کان اندرون ملڪ سفر جي لاءِ به ڪورونا سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔