سنڌ جي ٽن يونيورسٽيز جو ليو انڪيشمنٽ ڏيڻ جو اعلان

ٽنڊو ڄام: سنڌ جي ٽن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن پاران ليوانڪيشمنٽ ڏيڻ جو اعلان، يونيورسٽين ۾ سخت مالي بحران باوجود ملازمن، استادن ۽ آفيسرن کي ليوانڪيشمنٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، لمس يونيورسٽي 2 کان 16 تائين فل ۽ آفيسرن توڙي استادن کي به ٻن قسطن ۾ ليو انڪيشمنٽ ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري به ملازمن کي ليوانڪيشمنٽ ڏيڻ جي خاطري بعد ملازمن سرڪيولر جاري ڪيو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وي سي وري هلندڙ پگهار جو 25 سيڪڙو ملازمن، آفيسرن ۽ استادن کي ڏئي ڇڏيو، وي سي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته ليوانڪيشمنٽ ناهي ڏني، گريش ڏني آهي، گريش ڏيڻ به غيرقانوني آهي، شاھ لطيف يونيورسٽي جي وسي اسلم عقيلي جو چوڻ آهي ته پيسه ئي ناهن ڪٿان ليوانڪيشمنٽ ڏيو، ٻين يونيورسٽين جي ليوانڪيشمنٽ ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ پريشر اسان ته وڌي ويو آهي، مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي جو چوڻ آهي ته ليوانڪيشمنٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔