اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگين جا مسئلا حل ٿي ويندا:وزيراعظم

اسلام آباد: اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ بي ضابطگين جا مسئلا حل ٿي ويندا، ووٽنگ کانپوءِ بٽڻ دٻائڻ سان چونڊ نتيجا اچي ويندا، جن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪري سگهبو، اي وي ايم نظام سان ماڻهن جو چونڊن تي اعتماد پيدا ٿيندو، وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ عدالتن ۾ اڌ کان وڌيڪ زمينن جا ڪيسز هلندا آهن، زمينن جا ڪيسز حل نه ٿيڻ سبب قبضا گروپ ٺهي ويندا آهن، فائيلز گُم ٿي ويندا آهن يا اُنهن کي باهه لڳي ويندي آهي، سدائين زميني رڪارڊ کي باهه لڳندي آهي، هاڻي سڄو زميني رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري رهيا آهيون، جنهن سان اُهي فائيلز محفوظ رهندا، زميني رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ٿيڻ سان اهي مسئلا حل ٿي ويندا، چاهيون ٿا ته سمنڊ پار پاڪستاني اي ووٽنگ ذريعي اليڪشن عمل جو حصو بڻجڻ، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔