سکر: عدالت 270 ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سکر: ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جي 270 ملازمن جي آرڊر کي جعلي قرار ڏيئي پگهارون بند ڪرڻ واري ڪيس جي سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، سکر هاءِ ڪورٽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽي ايم و ڏهرڪي کي ملازمن جون پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، ملازمن جي آرڊر جي انڪوائري لاءِ لوڪل گورنمينٽ ريجنل ڊائريڪٽر انور رڪ کي انڪوائري لاءِ مقرر ڪيو ويو، ٽي مهينا اڳ سکر هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻن ٽي ايم اوز رحمان سومرو طارق ٻگهيو لکي ڏنو هو ته انهن ملازمن جا آرڊر اسان ناهن جاري ڪيا، جيڪي آرڊر جعلي آھن جنهن کانپوءِ ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون هيون، پگهارن لاءِ ڏڍ مهيني تائين ملازمن ڏهرڪي ٽائون ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس آڏو بک هڙتالي ڪئمپ به لڳائي هئي، ملازمن خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ عدالت اسان سان انصاف ڪري پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيئي اسان کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔