ذهني صحت کي نقصان پهچائيندڙ عام پر خطرناڪ عادتون

لنڊن : اسان جون ڪجهه عادتون ذهني صحت لاءِ تمام گهڻيون نقصانڪار هونديون آهن، جن کي طبي ماهرن ترڪ ڪرڻ جو چيو آهي.
ونيزا گيبارٽ نالي ذهني ماهر جو چوڻ آهي ته اسان جون ڪجهه عادتون فون جي استعمال بابت آهن، جيڪي اسان جي ذهني صحت کي وڏا نقصان پهچائن ٿيون، جن ۾ بنا مقصد هر هر فون کي چيڪ ڪرڻ، مختلف سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز جا نوٽيفڪيشن ڏسڻ ۽ گهڻو وقت فون تي گذارڻ شامل آهن.
انهن عادتن ۾ حقيقت ۾ اسان پنهنجي مرضي جا نوٽيفڪيشنز ڏسڻ چاهيندا آهيون ۽ جڏهن اهي اسان جي مرضي جا نٿا اچن ته اسان کي بيچيني پيدا ٿئي ٿي، جنهن سان اسان جي ذهن تي هاڪاري اثر پوندا آهن، فون جي گهڻي استعمال سان اسان ۾ خود اعتمادي گهٽبي آهي ۽ ناڪاري خيال وڌي ويندا آهن.
ونيزا گيبارٽ موجب سائنسدانن به موبائل فون جي استعمال بابت اهڙين عادتن جا خراب اثر ٻڌايا آهن، توهان کي ايترو وقت ئي اسڪرين استعمال ڪرڻ گهرجي، جيترو وقت توهان جي لاءِ ضروري آهي، اسڪرين تي بنا مطلب جي وقت گذارڻ سان صحت تي بُرا اثر پون ٿا، سوشل ميڊيا تي پوسٽون پڙهندي ۽ انهن تي ڪمينٽ ڏيندي به توهان کي حاضر دماغي جو استعمال ڪرڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي هاڪاري پوسٽون هاڪاري خيال اڀارين ٿيون، جڏهن ته توهان کي هاڪاري پوسٽون نظرانداز ڪرڻ گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔