پي آءِ اي سميت خانگي ايئر لائنز جي ڀاڙن ۾ ٻيڻي واڌ

ڪراچي: پي آءِ اي سميت خانگي ايئر لائنز پنهنجي ڀاڙن ۾ اوچتو واڌ ڪري ڇڏي.
عيدالاضحيٰ کان جي ويجهو ايندي ئي پي آءِ اي سميت خانگي ايئر لائنز پنهنجن ڀاڙن ۾ اوچتو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جون 2021 ۾ ڪراچي کان اسلام آباد ۽ لاهور جو هڪ طرفو ڪرايو گهٽ ۾ 7 هزار رپيا هو، پر هاڻ طلب وڌڻ ۽ ملڪ اندر هوائي ڀاڙن ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻي واڌ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب ڪراچي کان لاهور جو هڪ پاسي جو ڀاڙو 13 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي، اهڙي طرح ڪراچي کان اسلام آباد جو هڪ طرفو ڀاڙو 13 هزار رپين کان وڌيڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايئر لائنز طرفان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ڪراچي جي ريٽرن ٽڪيٽ تي 25 هزار رپيا وڌيڪ وصول ڪيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔