لاهور ۾ ڇويهه سالا ماڊل جو سندس ئي گهر مان تشدد ٿيل لاش هٿ

لاهور: ڊفينس بي ۾ گهر مان ماڊل جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. رپورٽ موجب لاهور جي علائقي ڊفينس بي ۾ هڪ گهر مان ماڊل جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي جنهن کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب مقتوله ناياب جي ڀاءُ محمد علي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته ناياب گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي. مان جڏهن ڀيڻ جي گهر ويس ته ڀيڻ جي لاش زمين تي پيل هئي. جڏهن ته ان جي باٿ روم جي ڄاري ٽٽل هئي. منهنجي ڀيڻ جي ڳچي تي زخم جا نشان هئا.پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته مقتوله جي سڃاڻپ 26 ساله ناياب سان ٿي آهي. جيڪا ماڊلنگ ڪندي هئي ۽ غير شادي شده هئي. جڏهن ته ان جا 2 ويڳا ڀائر هئا. ماڊل جي ويڳي ڀاءُ جي مدعيت ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب مقتوله کي نامعلوم جوابدارن تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. اصل حقيقت پوسٽ مارٽم جي رپورٽ کان پوءِ سامهون ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔