ڪورونا وبا دوران چيني شهري دنيا جو مهانگو برگر تيار ڪري ورتو

بيجنگ: چين سان تعلق رکندڙ هڪ شهري مختلف شين سان سجيل(گولڊن بواءِ) برگر تيار ڪري دنيا جي سڀني کان مهانگي برگر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب برگر جي قيمت 6 هزار ڊالر(9 لک 55 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني روپيه) آهي جنهن کي هڪ هوٽل ڊي ڊالٽن جي سربراهه رابرٽ جين ڊي وين تيار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب رابرٽ کي برگر ٺاهڻ جو خيال پنهنجي هوٽل ۾ ڪجهه نئون ڪرڻ جي حوالي سان آيو.دنيا جي مهانگي ترين برگر بابت جڏهن هن انٽرنيٽ تي سرچ ڪيو ته کيس خبر پئي ته هن وقت تائين جي سڀني کان مهانگي ترين برگر جي قيمت 5 هزار ڊالر آهي. برگر جو وزن 352 ڪلو گرام آهي جنهن کي 2011 ۾ اوريگن هوٽل طرفان تيار ڪيو ويو هو.رابرٽ جين موجب وبائي مرض ڪورونا دوران جڏهن هوٽلون بند ٿي ويون ته ٽيڪ اوي سروس جاري هئي ان ڪري مون سوچيو ته ڇو نه ان دوران دنيا جو سڀني کان مهانگو برگر تيار ڪيو وڃي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ سموري آمدني معاشري جي ڀلائي لاءِ عطيو ڪئي وڃي.رابرٽ جين موجب مون کي دنيا جي سڀني کان وڏي ۽ مهانگي برگر جي تياري لاءِ ڪجهه آزمائشن مان گذرڻو پيو پر مون آخرڪار اهو برگر تيار ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔