ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: مال پڙين ۽ عيد سان لاڳاپيل ايس او پيز کي لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري

اسلام آباد: اين سي او جي هدايتن تي مال پڙين ۽ عيد سان لاڳاپيل ايس او پيز کي لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. تفريحي هنڌ، سئنيما گهر، شادي هال ۽ جمنازيم ايندڙ ماڻهن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرارڏني وئي آهي.ڪورونا ايس او پيز جون ڀڃڪڙيون سامهون اچڻ کان پوءِ سمورن هاءِ رسڪ سيڪٽرز ۽ صوبن کي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ لاءِ تفصيلي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ماسڪ جو استعمال ۽ سماجي وٿي ۽ حفاظتي قدمن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن جڏهن ته مال پڙين ۽ عيد سان لاڳاپيل ايس او پيز کي لاڳو ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هوٽل جي بڪنگ لاءِ به ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي. ان هنڌن جي اچڻ وارن رستن ۽ هوٽلن ۾ داخل ٿيڻ تي ويڪسين سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ به طريقو جاري ڪيو ويو آهي. بس اڏن، ريلوي اسٽيشن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ به ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته مسجدن ۽ بازارن لاءِ اڳ کان جاري ايس او پيز تي عمل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ضلعي انتظاميه لاءِ تفصيلي چيڪ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن ۽ اداري جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔