افغانستان ۾ طالبان جي اڳڀرائي، ڀارت قنڌار جو قونصل خانو بند ڪري ڇڏيو

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان جي اڳڀرائي کي نظر ۾ رکندي ڀارت قنڌار جو قونصل خانو بند ڪري ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ طالبان جي اڳڀرائي کان ڀارت ڊڄي ويو آهي. 50 ڀارتي سفارتڪارن سميت ٻين اسٽاف جي ميمبرن کي خاص اڏام ذريعي واپس گهرايو ويو.ڀارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته قونصل خاني کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. ڪابل جو سفارتخانو ۽ مزار شريف جو قونصليٽ لاڳيتو معاملا انجام ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن چين آمريڪا کي افغان مسئلي جو اصل ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجون ذميواريون نظر انداز ڪيون ۽ گهڻي وقت کان پوءِ فوجي دستا ڪڍيا. آمريڪا ان عمل سان افغان عوام، خطي جي ٻين ملڪن تي ملبو وجهي ڇڏيو.افغان مسئلي جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي. ان کان علاوه چين افغانستان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي 210 شهري ڪڍي ورتا. چيني پرڏيهي وزارت پنهنجي شهرين جي ملڪ واپسي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان مان 22 ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿيا هئا. برطانوي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ماهرن جي نظر ۾ روس افغانستان جي باري ۾ غيرجانبداري جي پاليسي کي ختم ڪري طالبان جي حمايت تي راضي نظر ايندو آهي.روس جي اعلان ڪيل پاليسي اها آهي ته هن وچ ايشيا ۾ پنهنجي اتحادي ملڪن کي منفي اثرن کان بچائڻو آهي. ان کان علاوه روس جا ڪهڙا ارادا آهن اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي. پر افغانستان ۾ طالبان جي تازين ڪاميابين کان پوءِ روس افغان حڪومت کان هٿ ڇڪي ورتو آهي. نيٽو فوج جي روانگي کان پوءِ اشرف غني جي حڪومت جو افغانستان ۾ ڪوبه ڪردار نٿو بڻجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔