نيتن ياهو 12 ورهين کانپوءِ وزيراعظم هائوس خالي ڪري ڇڏيو

تل ابيب : اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس خاندان سرڪاري رهائشگاهه خالي ڪري ڇڏي.
اهي 12 ورهين تائين يروشلم ۾ موجود وزيراعظم هائوس ۾ رهندڙ هئا، جڏهن ته نئين وزيراعظم جي چونڊ جي هڪ مهيني کانپوءِ اڄ آچر ڏينهن ان گهر مان منتقل ٿي ويا.
واضح رهي ته 71 ورهين جو نيتن ياهو اسرائيل جي تاريخ ۾ سڀ کان گهڻي عرصي تائين وزيراعظم رهندڙ شخصيت آهي، هو فراڊ ۽ بدعنواني جي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔