بلاول ڀٽو ھڪ ڀيرو نه 3 ڀيرا امريڪا وڃي، عمران خان پنج سال پورا ڪندو: شيخ رشيد

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بلاول هڪ ڀيرو نه پر ٽي ڀيرا آمريڪا وڃي، پوءِ به عمران خان پنج سال پورا ڪندو، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن کانپوءِ اپوزيشن جا حڪومت سان لاڳاپا ٺيڪ ٿيندا، عمران خان سان گڏ مان پاڻ به ڪشمير ۾ مهم تي ويندس ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت انشاءَ الله عمران خان ئي ٺاهيندو، هن چيو آهي ته پي ڊي ايم ختم ٿي چڪي آهي، افغانستان جا ماڻهو جيڪو فيصلو ڪندا اهوئي قبول هوندو، اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي زمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، آرمي چيف پاڻ امن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، ڀارت بابت ڳالهائيندي گهرو وزير جو چوڻ هو ته عمران خان والاريل ڪشمير جو ڪيس گڏيل قومن سوڌو سڄي دنيا ۾ اٿاريو آهي، 5 آگسٽ وارو قانون واپس وٺڻ تائين ڀارت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔