نادرا جي 39 ملازمن کي ايجنٽ مافيا سان ڳٺ جوڙ تي معطل ڪيو ويو آهي: نادرا چيئرمين

ڪراچي: نادرا جي چيئرمين طارق ملڪ ڪراچي ۾ نادرا جي ريجنل هيڊڪوارٽر ۽ مختلف دفترن جو هنگامي دورو ڪيو. ان موقعي تي هن سائلن جا مسئلا به دريافت ڪيا ۽ نادرا جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ورتل اپائن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو ته 39 ملازمن کي ايجنٽ مافيا سان ڳٺ جوڙ ۽ عورتن سان بدسلوڪي ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي، ڪرپٽ عنصرن کي قاعدن ۽ قانون مطابق سزا ڏني ويندي، هن چيو ته قومي اداري ۾ خراب ڪارڪردگي، بدانتظامي ۽ ڪرپشن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔