ويٽرنري ڊاڪٽرن کان غير قانوني فيسون اوڳاڙڻ جو انڪشاف، عدالت ۾ وڃڻ جو چتاءُ!!

حيدرآباد: پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي وي ايم اي ) سنڌ جي صدر ڊاڪٽر زاھد چاچڙ ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر رحمت علي سنجراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ڪائونسل (پي وي ايم سي ) ھڪ آئيني ادارو آھي جنھن کي وٽرنري گريجوئيٽس جي فلاح ۽ بھبود لاء ڪم ڪرڻو آھي پر افسوس جو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ھي ادارو وٽرنري ڊاڪٽرن کان غير قانوني فيسون اوڳاڙي رھيو آھي. جيڪو غير آئيني عمل آھي، پي وي ايم سي ھن وقت وٽرنري ڊاڪٽرن کان ڏھ کان پندرھن ھزار فيس وصول ڪري رھيو آھي، جيڪا في حقيقت ۾ پنج ھزار آھي. پي وي ايم سي جي اھڙي عمل خلاف پي وي ايم اي سنڌ جي قيادت ھڪ آئيني پٽيشن پڻ داخل ڪري رھي آھي. پي وي ايم اي سنڌ جي اھڙي مؤقف جي پي وي ايم سي جي اڳوڻي رجسٽرار ڊاڪٽر علمدار حسين پڻ تائيد ڪئي. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر عطائي ڊاڪٽرن خلاف قدم کنيا وڃن ۽ وٽرنري ميڊيڪل اسٽورن تي غير قانوني ڇاپا لڳائڻ بند ڪيا وڃن ۽ پي ايم سي پنھنجو آئيني ڪردار ادا ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔