ايف آءِ اي جي ٽيم هراسان ڪيو (شهباز شريف) بدتميزيءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي:ايف آءِ اي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شھباز شريف طرفان ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم مٿان کيس هراسان ڪرڻ جا الزام ھنيا ويا آھن، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته ايف آءِ اي جي ٽيم ساڻس غيرمناسب رويو رکيو، عملدار اڍنگي لهجي ۾ ڳالهائي رهيا هئا، جاچ ٽيم جو رويو مون کان برداشت نه ٿيو، ايف آءِ اي جا آفيسرز وڏا ٽهڪ ڏئي مذاق اڏائي رهيا هئا، نيب کان پوءِ ايف آءِ اي مون خلاف ڪوڙا ڪيس ڏنا ويا، ايف آءِ اي آڏو به سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔