جيڪب آباد: عدالتي حڪم تي ايم پي اي اسلم ابڙو جي اسڪول جو مک دروازو ڊاٿو ويو

جيڪب آباد: عدالتي حڪم تي ضلعي انتظاميا ايم پي اي محمد اسلم ابڙو جي اسڪول جو مک دروازو ڊاھي ڇڏيو. ضلعي انتظاميا سپريم ڪورٽ جي حڪم ملڻ بعد سينٽ جانز اسڪول جو صرف ٻاھران دروازو ڊاھي پٽ ڪيو. مختيارڪار عباس سڌايو جو چوڻ هو ته ايم پي اي محمد اسلم ابڙو جو اسڪول ضلعي ڪائونسل کان 99 سالن جي ليز تي ورتل آهي، اسڪول ٻاهران ٺھيل دروازو ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاھيون ويون آهن، اسڪول ڊاھڻ جو حڪم ناهي. واضح رهي ته وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ حددخلين خلاف درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنهن تي عدالت ايم پي اي جي اسڪول ۽ ھوٽل کي ڊاھڻ جو حڪم ڏنو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔