افغانستان ۾ تشدد وڌيو ته پناهگير پاڪستان اچي سگهن ٿا، گهرو ويڙهه ۾ ڪنهن جو فائدو نه ٿيندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل افتخار بابر چيو آهي ته افعانستان ۾ گهرو ويڙهه ٿي ته ڪنهن جو ڀلو نه ٿيندو. افعانستان ۾ تشدد وڌيو ته پناهگير پاڪستان اچي سگهن ٿا، اسان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ڪري چڪا آهيون، پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغان امن عمل جا ڪيترائي رخ آهن، پاڪستان پرامن طريقي سان امن عمل وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، افغانستان کي ڪيئن اڳيان وڌڻو آهي اهو فيصلو افغان عوام ڪندو، هن چيو ته آمريڪا افغان فوج کي تربيت ڏيڻ تي تمام گهڻو پيسو خرچ ڪيو آهي، ڏسڻو اهو آهي ته ڇا افغان فوج مزاحمت ڪندي؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ افغان سرحد جي نگراني لاءِ نئين ايف سي ونگ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ تشدد وڌي ويو ته پناهگير پاڪستان اچي سگهن ٿا، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه هوندي ته ڪنهن کي فائدو نه ٿيندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سڀني کي خبر آهي ته داعش ، ٽي ٽي پي افغانستان ۾ موجود آهن، هندستان دنيا کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته افغانستان جي مسئلن جو سبب پاڪستان آهي پر افغانستان ۾ ڀارت جي انويسٽمينٽ ٻڏندي نظر اچي رهي آهي. خواهش هئي ته امريڪا افغانستان مان ذميواراڻي انداز ۾ واپس وڃي، پر امريڪا واپسي ۾ تڪڙ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔