وڌيڪ هڪ آمريڪي نسل جنگ لاءِ نٿو اماڻي سگهجي: جو بائيڊن

واشنگٽن: آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته هو آمريڪين جي وڌيڪ هڪ نسل کي افغانستان ۾ جنگ جي لاءِ نٿو اماڻي سگهي، آمريڪي فوج جي نيڪالي لاءِ 31 آگسٽ جي حتمي تاريخ جو به اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو ادارن موجب آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪي فوج افغانستان ۾ پنهنجا حدف حاصل ڪري ورتا هئا، جنهن ۾ اسامه بن لادن کي مارڻ، القاعده کي ڪمزور ڪرڻ ۽ آمريڪا تي وڌيڪ حملن کان روڪڻ شامل هو.
جو بائيڊن افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي واري فيصلي جو دفاع ڪندي چيو ته آمريڪين جي وڌيڪ هڪ نسل کي فتح نه ٿيندڙ جنگ ۾ قربان ٿيڻ جي بدران افغان عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو.
وائيٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي جو بائيڊن چيو ته افغان فوج وٽ طالبان کي پوئتي ڌڪڻ جون صلاحيتون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔