گهرواري گهڻي خرچائو آهي: عاطف اسلم جو اعتراف

ڪراچي: گلوڪار عاطف اسلم چيو آهي ته سندس گهرواري هن جو ڪريڊٽ ڪارڊ ميڪ اپ تي اڏائي ڇڏيندي آهي.
انسٽا گرام تي عاطف اسلم جو سندس گهرواري جي تصوير تي ڪيل تبصرو وائرل ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ عاطف اسلم جو چوڻ آهي ته ڪير آهي هيءَ ڇوڪري؟ جيڪا منهنجو ڪريڊٽ ڪارڊ ميڪ اپ تي اڏائي ڇڏيندي آهي.
تبصري جي ٻي سِٽ ۾ عاطف پنهنجي گهرواري جي تعريف ڪندي ساڻس محبت جو اظهار ڪيو آهي.
عاطف جو تبصرو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.
هڪ واهپيدار عاطف کي داد ڏيندي لکيو آهي ته ان کي چئبو آهي الٽراپروميڪس ليجنڊ، شڪايت به ڪري ورتي ۽ گهرواري کي سنڀالي به ورتو.
هڪ واهپيدار عاطف جي گهرواري جي خوبصورتي جي تعريف ڪندي لکيو ته ساره قدرتي طور تي ئي ايتري سهڻي آهي، کيس ايترو ميڪ اپ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
فريحه نالي هڪ واهپيدار لکيو ته تعريف سان گڏ بيعزتي ڪرڻ ڪير عاطف وٽان سکي. هڪ واهپيدار ته اهو به لکيو ته گهرواري سهڻي هجي ته ڪريڊٽ ڪارڊ ڇا، گهر به وڪڻي سگهجي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔