سلمان خان لاءِ نئون مسئلو، پوليس ڀيڻ سميت طلب ڪري ورتو

ممبئي: پوليس سلمان کي سندس ڀيڻ الويرا سميت طلب ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سلمان کي مبينا طور ڌوکي بازي جي ڪيس ۾ ڀيڻ الويرا ۽ سندس چيريٽي ”بينگ هيومن“ سان لاڳاپيل ست ماڻهن سميت چندي ڳڙهه پوليس طلب ڪري ورتو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ارون گپتا نالي واپاري طرفان سلمان خان، سندس جي ڀيڻ ۽ بينگ هيومن جي سي اي او سميت ٻين اڳواڻن جي خلاف ڌوکي بازي جو الزام هڻندي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.
چندي ڳڙهه پوليس موجب سلمان خان سميت ٻين فردن کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ 13 جولاءِ تائين جو وقت ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔