مهانگائي جو زور نه ٽٽي سگهيو، وڌيڪ 23 کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون

هلندڙ هفتي دوران ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون 23 شيون مهانگيون، 9 سستيون جڏهن ته 19 جا اگهه پنهنجي جاءِ تي مقرر رهيا.
شماريات واري وفاقي اداري مهانگائي جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ثابت ٿيو آهي ته 2021-22 واري وفاقي بجيٽ جا اثر مهانگائي ۾ مسلسل واڌ جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيا رهيا آهن.
بجيٽ لاڳو ٿيڻ واري ڏينهن پهرين جولاءِ تي ختم ٿيڻ واري هفتي دوران به مهانگائي جي شرح ۾ 0.53 سيڪڙو واڌ ٿي هئي جڏهن ته گذريل هڪ هفتي ۾ کنڊ، پٽاٽو، ٽماٽو، آنا، بصر، ٿوم، ٻاڪرو گوشت، وڏو گوشت، سايون ڀاڄيون، گيهه، ايل پي جي، صابڻ، چڻن جي دال ۽ تازي کليل کير سميت مجموعي طور ضرورت وارين 23 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ مڱن جي دال، ماش جي دال، ڪڪڙ جي گوشت، اٽي ۽ مسور جي دال سميت 9 شيون سستيون ٿيون آهن جڏهن 19 ضرورت واري شين جا اگهه ساڳيا ئي رهيا.
ڳڻاٺي واري اداري مهانگائي جي حوالي سان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي دوران ٽماٽا 11.51، پٽاٽا 2.04، بصر 4.85، ٿوم 8.31، کنڊ 2.60، آنا 1.67 سيڪڙو مهانگا ٿيا آهن جڏهن ته مسور جي دال 0.34، مڱن جي دال 1.81، ماش جي دال 0.51 ۽ اٽو 0.22 سيڪڙو سستا ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔