ڪنوار کدڙو آھي: مڙس زال سوڌو ساھُرن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

ڀارت ۾ شادي جي ڪجھ ڏينھن بعد ئي ھڪ عجيب ۽ غريب واقعو پيش آيو، ڀارتي شخص گھرواري ۽ ساھرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ پوليس اسٽيشن پھچي ويو، غير ملڪي ميڊيا رپورٽس موجب ڀارتي شخص پاران پنھنجي گھرواري، سس ۽ نڪاح ۾ شامل ڌرين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي، جنھن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ ھُن جي شادي ھڪ کدڙو فقير سان ٿي آھي، رپورٽ موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي شھر ڪانپور جي رھواسي شخص پنھنجي شادي جي 2 مھينن بعد گھرواري سوڌو ساھرن ۽ شادي جي ڌر وارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، مڙس الزام ھنيو تھ شادي جي وقت ساھرن پاران جنس ظاھر نھ ڪري مون سان دوکو ڪيو ويو. ڀارتي شھري دعويٰ ڪئي تھ گھرواري کي ماھر ڊاڪٽر ڏي وٺي وڃڻ بعد خبر پئي تھ ھو عورت نھ پر کدڙو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔