انگلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست، گهٻرائڻو نه آهي:ڪپتان بابراعظم جي رانديگرن کي آٿت

لنڊن : انگلينڊ جي ٽيم کان شڪست ملڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسان سيريز جي شروعات سٺي نه ڪري سگهياسين، شروعات ۾ وڪيٽون جلد ڪرڻ بعد ڀائيواري قائم ڪرڻ مشڪل ٿي ويو، مان انگلش بولرز کي ڪريڊيٽ ڏيان ٿو جنهن حالتن جو ڀرپور فائدو کنيو، هڪ سوال جي جواب ۾ رانديگر مايوسي جو شڪار نه آهن، سڀني کي اندازو آهي ته اسان دنيا جي نمبر ون ٽيم سان مئچ کيڏي رهيا آهيون، اسان جو ڏينهن خراب هو، ٻئي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز ۾ واپسي ڪنداسين، مان رانديگرن کي چوان ٿو ته گهٻرائڻو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔