ڪراچي ۾ هيلميٽ نه پائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي: ڪراچي ۾ هيلميٽ نه پائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪل سواري تي مڪمل پابندي لاڳو، ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب موٽرسائيڪل سوار وڏي انگ ۾ حادثن جو شڪار ٿين ٿا، ان ڪري هيلميٽ نه پائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شاهراهه فيصل تي بغير هيلمٽ جي موٽرسائيڪل سواري تي پابندي هئي. ترجمان شهرين کي اپيل ڪئي ته هو هيلمٽ جو استعمال ڪن، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔