سنڌ ۾ پرڏيھين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار نادرا آفيسرز جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي : سنڌ ۾ پرڏيهين کي غيرقانوني ۽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار نادرا آفيسرز ڪراچي جي عدالت اڳيان پيش ٿيا، عدالت نادرا آفيسرز کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدارن ۾ اشفاق خان، خيال خان، محمد رسول، اختر محمد، محمد ابراهيم، عبدالوهاب ۽ افروز علي شامل آھن، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار نادرا آفيسرز رشوت وٺي ايرانين، برمين، بنگالين ۽ افغانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا، ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سيل ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔