قادر مندوخيل پاران فردوس عاشق اعواڻ کي 58 ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس!!

ڪراچي: پ پ ايم اين اي قادرمندوخيل، پنجاب جي صوبائي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ کي 58 ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قادر مندوخيل پاران موڪليل قانوني نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ فردوس عاشق اعواڻ چونڊيل نمائندي کي چماٽ هنئي ۽ غليظ زبان استعمال ڪئي. پروگرام ۾ فردوس عاشق بي بنياد الزام لڳايا، فردوس عاشق، قادر مندوخيل کان غير مشروط معافي وٺي ۽ معافي نامو پرنٽ ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا تي شايع ۽ نشر ڪرايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔