ٽرانسپورٽ کاتي مسافر گاڏين جَي ڊرائيورز ۽ مسافرن لاءِ ڪورونا سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ ۾ شهرين کي ٽرانسپورٽ تي سفر ڪرڻ کان ڪورونا وئڪسين لڳرائڻ جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو، ٽرانسپورٽ کاتي مسافر گاڏين جَي ڊرائيورز ۽ مسافرن لاءِ ڪورونا سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير اويس قادر شاهه مسافر گاڏين جَي مالڪن کي هدايت ڪئي آهي ته سرٽيفڪيٽ بنا ڪنهن به مسافر کي گاڏي تي سفر نه ڪرڻ ڏنو وڃي، ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔