ڪورونا جي چوٿين لهر جون علامتون ظاهر، ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته شادي هالز ۽ هوٽل بند ڪيا ويندا: اسد عمر

اسلام آباد : اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر ڪورونا جي چوٿين لهر بابت خبردار ڪندي ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ شادي هالز ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، اسد عمر چيو آهي ته 2هفتا اڳ ٻڌايو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪورونا جي چوٿين لهر جا امڪان ظاهر ڪري رهي آهي، چوٿين لهر بابت 2هفتا اڳ خبردار ڪيو هو، هاڻي ڪورونا جي چوٿين لهر شروع ٿيڻ جو علامتون ظاهر ٿي رهيو آهن، اسد عمر چيو ته شادي هالز، هوٽل ۽ جم مالڪن ذميواري نه ڏيکاري ته سهولت بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو رستو نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔