آئي ايم ايف جا هدف اسان جا هدف آهن: گورنر اسٽيٽ بئنڪ

واشنگٽن: گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر جو چوڻ آهي ته آئي ايم ايف سان سٺي انداز ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ آئي ايم ايم جا هدف اسان جا هدف آهن، صحافين سان ڳالهائيندي گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف کي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، رضا باقر جو چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ ترميم بل پهريون ڀيرو متعارف نه ڪرايو ويو، ان کان اڳ پنج ڀيرا اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل آندو ويو، بل تي بحث هوندي ۽ اسان چاهيو ٿا ته بل پاڪستان جي فائدي ۾ هجي اهو ئي پاس ٿئي، هن چيو ته آئي ايم ايف سان رابطو رهندو آهي، ٽيڪنيڪي حوالن تي ڳالهيون هلنديون رهنديون آهن، آئي ايم ايف کان سٺي انداز ۾ ڳالهيون هلي رهيو آهن، آئي ايم ايف جا هدف اسان جا هدف آهن، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ کان پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين ڀرپور فائدو کنيو، هاڻي تائين هڪ لک 80هزار پاڪستان ان مان فائدو کنيو، روز تقريبن 8سئو کان هڪ هزار نوان اڪائونٽ کنيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔