آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

اسلام آباد:آزاد ڪشمير 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام  چونڊون صاف شفاف ۽ آزادانه ڪرائڻ جي لاءِ فوج ۽ پوليس جي نفري گهري ورتي.

گهرو وزارت ۽ آزاد ڪشمير جي درخواست تي 40 هزار اهلڪارن جي چونڊن ۾ مقرري جي لاءِ سمري وفاقي ڪابينه ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي جنهن جي منظوري سرڪلر سمري ذريعي رات دير سان ورتي وئي. فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 4 هزار اهلڪار، پاڪستان رينجرز جا 2 هزار ، پاڪ فوج جا 19 هزار نوجوان، ڪي پي پوليس جا 4 هزار، پنجاب پوليس 6 هزار، وفاقي پوليس جا هڪ هزار اهلڪار، پنجاب ڪانسٽيلري جا 4 هزار اهلڪار چونڊن ۾ ڊيوٽي ادا ڪندا.

ان سان  گڏوگڏ پاڪستان آرمي ۽ سول آرمڊ فورسز جا ٽروپس اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي ماتحت ڊيوٽي انجام ڏيندا. خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ وفاقي پوليس سميت پنجاب ڪانسٽيبلري جا اهلڪار آزاد ڪشمير جي حڪومت جي ماتحت اليڪشن ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. پاڪستان رينجرز جا 1600 اهلڪار انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ڪيا ويندا.

پاڪ فوج جا دستا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽينڊ باءِ پوزيشن تي رهندا. فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 4 هزار اهلڪار، آزاد ڪشمير حڪومت جي ماتحت اليڪشن ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔