نيويارڪ فليٽ ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيويارڪ فليٽ ڪيس  ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

درخواست تي ٻڌڻي دوران آصف زرداري کي ايمبولينس ذريعي عدالت جي ڪمري تائين پهچايو ويو. اڳوڻي صدر آصف زرداري سان گڏ وڪيل ۽ پ پ اڳواڻ به عدالت پهتا. درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ڪئي. عدالت آصف زرداري جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس 5 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. پوليس ۽ رينجرز جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي هئي. عدالت ۾  پيشي دوران صحافي طرفان آصف زرداري کان سوال ڪيو ويو ته زرداري صاحب اوهان مفاهمت طرف وڃي رهيا آهيو يا مزاحمت طرف؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته بلاول کان پڇو. صحافي طرفان آصف زرداري کان هڪ ٻيو سوال ڪيو ويو ته اوهان سياست کان پاسيرا ٿي ويا آهيو؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته ڪمانڊر  بلاول آهي.

صحافي طرفان پڇيو ويو ته ميان صاحب کي مشورو نه ڏيندو عدالت اچڻ جو؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته اسان ڪنهن کي به مشورو نه ڏينداسين. اچڻ چاهي ته بسم الله. آصف زرداري کان پڇيو ويو ته اوهان بيمار آهيو، ان باوجود به هتي آهيو، جڏهن ته نوازشريف لنڊن هليو ويو؟ ان جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته منهنجي ۽ ميان صاحب جي ڊوميسائل ۾ فرق آهي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته اوهان جا اسٽيبلشمينٽ سان رابطا آهن؟ جنهن تي آصف زرداري چيو ته اسان به هن ئي ملڪ ۾ رهندا آهيون. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔