ڪورونا وبا وڌيڪ 17مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 1500 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 17 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته 1517 هاڪاري نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 46 هزار 287 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1517 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل هاڪاري ڪيسز جو انگ 966.007 ٿي ويو آهي جن مان 909.525 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 17 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن موذي وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 22 هزار 469 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 3.27 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔