ام رباب جي سردار چانڊيو جي چاچي سان ملاقات، اھم انڪشاف

سکر : ميھڙ ۾ قتل ٿيل ٽن گھرڀاتين جي وارث اُم رباب چانڊيو جي ايم پي اي سردار چانڊيو جي چاچي عبدالوحيد چانڊيو سان ملاقات ٿي آھي، سردار چانڊيو جي چاچي پاران اھم انڪشاف ڪيا ويا آھن، ان سلسلي ۾ ام رباب چانڊيو پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ ام رباب جو چوڻ آھي تھ منهنجي ڪٽنب جي ٽن ڀاتين کي قتل ڪرائيندڙ سردار چانڊيو پنهنجي چاچي کي به نھ بخشيو، عبدالوحيد چانڊيو جو چوڻ ھو تھ سردار چانڊيو طاقت ذريعي سردار ٿي ويٺو، منهنجي ملڪيتن تي به قبضو ڪري ويٺل آهي، سردار چانڊيو ظلم ڪري رھيو آھي، ام رباب چانڊيو وڊيو پيغام ۾ چيو تھ سردار چانڊيو جي ڏاڏي جي وصيت مطابق عبدالوحيد چانڊيو کي سردار ٿيڻو هو، والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجهد جاري رکنديس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔