ڀارتي گلوڪار راهول ويديا شادي جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي : ڀارتي گلوڪار ۽ بگ پاس سيزن 14 جي رنر اپ راهول ويديا شادي جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته هن جي شادي 16 جولاءِ جمعي ڏينهن تي ٿيندي، راهول هن حوالي سان وڌيڪ چيو ته شادي انتهائي سادگي سان ٿيندي جنهن ۾ ڪجهه عزيزن کان علاوهه ويجهي دوستن کي دعوت ڏني وئي آهي، هن انسٽا گرام تي پوسٽ به شيئر ڪئي جنهن ۾ هن شادي جي تاريخ بابت ٻڌايو، ٻئي پاسي ٽي وي اداڪاره ديشا پرمارني ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان هميشه چاهيان پئي ته منهنجي شادي سادگي سان ٿئي، مان ڏاڍي خوش آهيان ۽ جلد ئي منهنجي خواهش پوري ٿي ويندي، واضح رهي ته راهول بگ باس 14 دوران اداڪاره ديشا کي شادي جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي قبول ڪيو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔